سنڌيڪار ؛افتخار علي چوهاڻ
عرب اسرائيل جنگ 1948 ء
تاريخ 15 مئي تا 10 جون 1948 ء
ڄاءِ ؛ مشرق وسطى (وچ اوڀر)
نتيجو ؛ عارضي صلح جو معاهدو 1959 ء
...................................................................................................
ويڙه ۾ شامل ملڪ
اسرائيل بمقابل مصر ، لبنان ، شام ، سعودي عرب ، عراق ،
جيش جهاد المقدس ،عرب لبريشن آرمي .
...............................................................................................
عرب اڳواڻ ؛
گلب پاشا
عبالقادر الحسيني
حسن سلامه
فوزي الفائوجي
اسرائيلي اڳواڻ
هاڪوو ڊوري ، هگائيل باڊن
...............................................................................................
طاقت
عرب ؛
مصر ؛ 10 کان 20 هزار
عراق ؛ 5 کان 8 هزار
شام ؛ 2 . 1/2 کان 5 هزار
اردن ؛ 6 کان 12 هزار
سعودي عرب 800 کان 1200
عرب لبريشن ؛ 3 هزار پنج سو کان 6 هزار
اسرائيل ؛
ابتدائي 29 هزار 677
مارچ 1949 تائين 115،000
.............................................................................................
نقصان
عربن جو ؛ نامعلوم، اندازو 5 کان 15 هزار جي وچ
اسرائيل جو ؛ 6 هزار 373 هلاڪتون
4 هزار فوجي ۽ 2 هزار 400 شهري
..................................................................................................
1948 ء اسرائيل رياست جي قيام سان ئي عرب ۽ اسرائيل ۾ پهريون ڀيري هڪ ٻئي سان ٽڪراو کي عرب اسرائيل جنگ 1948 جو نالو ڏنو ويو جڏنهن ته اسرائيلي هن کي جنگ آزادي چوندا آهن . اسرائيل فلسطين تي قابض ئي عرب اقليت تي ظلم جي پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا جنهن جي سببان عربن کي مجبورن پنهجو وطن ڇڏڻو پيو .
بي يارومددگار عربن جي تعداد جلد ئي 10 لک تائين پهچي وئي .عرب هتيار سان ليس يهودي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ 15 مئي 1948 ء تائين اندين فلسطين ۾ فلسطيني عربن جي مزاحمت ختم ٿي وئي ۽ 14 کان 15 فيبروري جي وچين رات يهودين تل ابيب ۾ پنهجي رياست جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو .
عربن هن رياست کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مصر ، شام اردن ۽ عراق جي فوجين اسرائيل تي حملو ڪري ڏنو . اها جنگ 1949 ء جي امن معاهدي هيٺ ختم ٿي وئو .
پس منظر ؛
پهرين جنگ عظيم ۾ سلطنت عثمانيه جي شڪست کان پوءِ ( جمعيت اقوام ) موجوده ترڪي جي ڊکڻ ضلعن کي فرانس ۽ برطانيه جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيا ٻنهن طاقتن هنن علائقن جي سرحد تقسيم ڪندي عراق ، شام لبنان جي تشڪيل ڪئي جيڪي اڄ به قائم آهن . چوٿون علائقو فلسطين جو هيو ۽ دريا اردن جي هڪ طرف فلسطين ۽ ٻئي طرف اردن هيو . مصر ۾ برطانيه جي هائي ڪميشن ”هنري ميڪ موهن “ 1916 ء ۾ وعدو ڪيو ته عربن جا اهي علائقه جيڪي سلطنت عثمانيه ۾ شامل آهن آزاد ڪيا ويندا پر برطانيه ڌوڪيبازي ڪندي هڪ ڳجهي معاهدو ”سائڪس هيڪاٽ “ ڪيو جنهن جي آڌار برطانيه ۽ فرانس عربن جي علائقن کي گڏيل انتطام هيٺ تقسيم ڪري ورتو .
جنگ جا واقعا ؛
جئين ته مصر سان بد عهدي ڪندي انگريزن پهرين جنگ عظيم جي پڄاڻي تي 1918 ء ۾فلسطين تي قبضو ڪري وتو ، جمعيت اقوام (ليگ آف نيشن) 25 اپرل ۾ فلسطين تي انگريزن جي قبضي کي جائز قرار ڏنو . برطانيه ويتر ڌوڪي بازي ڪندي وزير خارجه” آرٿر بيلوفر“ برطانيه جي طرفان لارڊ رانه شيلڊ نالي صهيوني (يهودي) ليڊر کي خط لکيو جنهن ۾ فلسطين ۾ يهودي رياست ٺاهڻ جي پڪ ڪرائي . اهڙي نموني 14 مئي تي رياست اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ويو .جئين ته عربن جي مزاحمت ختم ٿي چڪي هئي هن ڪري 15 مئي جي صبح مصر ، اردن ، عراق جي فوجين عربن جي مفاد جي تحفظ لاءِ فلسطين ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا بعد ۾ سعودي عرب جو هڪ دستو به مصر جي فوج سان شامل ٿي ويو پر عربن جي هن گڏيل فوج کي ڪا وڏي ڪاميابي نصيب ٿي نه سگهي . شام ۽ لبانن جيڪي سال اڳ آزاد ٿيا هئا هنن جا حمله بلڪل بي اثر هئا . مصر ي فوج غزه شهر ۽ هن سان گڏيل علائقي کان سواءِ ڪنهن به علائقي تي قبضو نه ڪري سگهيو .اردن عرب ليگ وچين فلسطين جي بيشتر علائقو ۽ بيت المقدس جي پراڻي شهر يهودي قبضي کان بچائي ورتا .
هن ئي دوران سلامتي ڪونسل جي حڪم 11 جون 1948 ء ۾ ٻنهن طرفان جنگ بندي ڪئي وئي پوءِ جنگ بند ته ڪڏنهن هلندي رهي ايسيتائين جو 1949 ء ۾ عرب ملڪن اسرائيل سان ڌار ڌار جنگ بندي جا معاهده ڪرڻا پيا ۽ اسرائيل کي عملي طور تي قبول ڪرڻو پئجي ويو . 11 مئي 1948 ء ۾ اسرائيل اقوام متحده جو رڪن بڻجي ويو
حوالو ؛نيٽ تان کنيل
No comments:
Post a Comment