29 Mar 2011

مسلمان سائنسدان قسط 5

مسلمان سائنسدان قسط 5 

ليکڪ ؛افتخار علي چوهاڻ




ابو نصر فارابي
ابو نصر فارابي870ء ۾ فاراب (ترڪستان) ۾ ڄائو هن جو پئ جرنيل هيو . هن ابتدائي تعليم فاراب ۽ بخاره مان حاصل ڪئي. اعلى تعليم لاء بغداد ويا. جٿي هن 901ء کان 942ء تائين قيام ڪيو هن دوران ۾ هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪري ۽ مختلف علمن ۽ فنن ۾ مهارت پيدا ڪئي . هو لڳ ڀڳ پنجاھ ٻوليون ڄاڻيندو هيو. زندگي جا آخري پساھ سيف الدوله سان دمشق ۾ گزاريائين ۽ هتي ئي اسي“ 80” سالن جي ڄمار ۾ رحلت ڪيائين.
فارابي فلسفه ، منطق ، طب ، عمرانيات . رياضي ۽ موسيقي ۾ مهارت رکندو هيو. هن جون گهڻيون تصنيفون ضائع ٿي ويو آهن ۽ جيڪي ضائع ٿيڻ کان بچي ويون هن جي تعداد 117 آهن. هن ۾ منطق ۾ 43 ، علم تعليم ۾ 11 ، طبيعات ۾ 10 ، اخلاقيات ۾ 7 ، سياسيات ۾ 7 ڪتاب آهن. هن جا گهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن جا قلمي نسخا اڄ به وڏي وڏي ڪتب خانن ۾ موجود آهن ، 1890ء ۾ هن جا ٻارهن کن ڪتاب جرمني جي زبان ۾ ترجمه ٿيا. جن ۾ گهڻو سائنس جي متعلق آهي. فارابي پهنجي لافاني تصنيف ”رسالة في آراء اهل مدينه الفاضلة“ جي ذريعي علم عمرانيات ۾ بيش بها اضافو ڪيو ۽ هن طرح سان هن ابن خلدون جي شهره آفاق ”مقدمه“ لاء رستو هموار ڪيو. ( ”مقدمه“ ابن خلدون جي مشهور ڪتاب جو نالو آهي)
علم تعليم تي فارابي جا ٻه ڪتاب ”التعليم الثاني“ ۽ ”احصام العلوم“ گهڻا معروف ٿيا ۽ مغربي مصنفن کي گهڻو متاثر ڪيو. هن ۾ ”التعلم الثاني“ دراصل ارسطو جي علم ۽ حڪمت جو خلاصو آهي. علمن جي متعلق فارابي جو نظريو هي آهي ته جيڪو شخص علم حڪمت (علم جو بلند مرتبو ) حاصل ڪرڻ ٿو چاهي هن کي سڀ کان اڳ قرآن مجيد ۽ سنت جو علم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ نيڪ ماڻهن جي اخلاق جو پابند هجڻ گهرجي. هن کي معاشي حالت جي طرفان مطمئن هجڻ گهرجي . علم ۽ اهل علم کان علاوه ٻئي ڪنهن به شي جو قدر نه هجڻ گهرجيس.جنهن شخص جو علم هن جي اخلاق جو نٿو اصلاح ڪري هو آخرت ۾ به سعادت نٿو ماڻي سگهي. سعادت جي تڪميل سٺن اخلاقن سان ٿئي ٿي جئين وڻ جي تڪميل هن جي پهل سان ٿيندي آهي. فارابي جو وڏو ڪارنامو علم منطق کي آسان بنائڻ به آهي . منطق کي هنن ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو هڪ تخيل ۽ ٻيو ثبوت. هڪ قول مطابق فارابي منطق ۾ پنهنجن سڀنن گذريل فلسفين کي مات ڏئي ڇڏي آهي. هنن گهڻن مذهبي مسئلن کي فلسفي انداز سان تشريح ڪئي آهي ۽ پيغمبري ، وحي ، جنت ، تقدير ، عرش معلى کي استدلالي طريقي سان ثابت ڪيو. فارابي پهريون شخص آهي جنهن تجرباتي اخلاق جو اصول سکاريو ۽ ٻڌايو ته صحيح ۽ غلط جي تميز خود انسان جي اندر هوندي آهي.
فارابي کان پوء جيترا فلسفي گذريا آهن اهي هن کان متاثر ٿيا آهن . پهنجي عقلي فلسفي جي بنيادي آڌار تي جرمن جي فلسفي ”ڪانت“ جو به پيش رو هيو. وڏن ماڻهن متعلق هن جي نظرين کي انگريز فلسفي ”اسپنسر“ به اپنايو . اهو فارابي هيو جيڪو ڪيترائي سال اڳ ”روسو“ جي نظريعه معاشي معاهده (social contract) پيش ڪري چڪو هيو. مشرق ۾ جنهنن فلسفين فارابي جو تاثر قبول ڪيو هنن ۾ بو علي سينا ، ابن رشد ، ابن خلدون ، فخرالدين رازي ، جلال الدين رومي ۽ امام غزالي جهڙا عظيم مفڪر شامل آهن.

1 comment:

TAHIR SINDHI said...

ادا افتخارتمام بهترين ڪم آهي اوهان جو اوهان کي مبارڪون هجن